اليڪشن ڪميشن عمران خان جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي کي پيش ڪرڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي توهين ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل شعيب شاهين چيو ته سيڪيورٽي جي بهاني ٻين عدالتن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي پيش نه پيو ڪيو وڃي. پروڊڪشن آرڊر جاري ڪريو ته جيئن پي ٽي آءِ چيئرمين هتي پيش ٿئي

اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ميمبر نثار دراني چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين اڳ ته هتي ايندو نه هو، هاڻ پروڊڪشن آرڊر جو چئي رهيو آهي.، اوهان شوڪاز نوٽيس جو جواب جمع ڪرايو، پروڊڪشن آرڊر اسان جاري ٿا ڪري ڇڏيون ۽ سيڪيورٽي لاءِ آءِ جي جيل کي لکي ٿا ڇڏيون.

بلوچستان جي ميمبر شاهه محمد جتوئي چيو ته اسان فرد جرم لڳائي ڇڏينداسين جنهن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 24 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.