ورلڊ ڪپ 2023: نيوزيلينڊ ۽ نيدر لينڊز جون ٽيمون اڄ آمهون سامهون ٿينديون

لاهور: ڀارت ۾ جاري ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023 ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم اڄ نيدر لينڊز سان مهاڏو اٽڪائيندي.

عالمي ايون جي ڇهين مچ ۾ نيوزيلينڊ ۽ نيدرلينڊز جون ٽيمون حيدرآباد دکن جي راجيو گانڌي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿينديون. پاڪستاني وقت موجب ميچ ٻنپهرن جو ڏيڍ وڳي  شروع ٿيندو.

ياد رهي ته عالمي ڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ نيوزيلينڊ انگلينڊ جي ٽيم کي 9 وڪيٽن تي شڪست ڏني هئي جڏهن ته نيڊرلينڊز جي ٽيم کي پاڪستان 81 رنسن تان شڪست ڏني هئي