پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف اڊياله جيل ۾ سائفر ڪيس جي پهرين ٻڌڻي

پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف اڊياله جيل ۾ سائفر ڪيس جي پهرين ٻڌڻي وڪيلن جي اعتراض تي 9 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي

آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ڪيس جي ٻڌڻي اسپيشل سيڪريٽ عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين هلائي

پي ٽي آءِ چيئرمين  کي عدالتي ڪمري ۾ آندو ويو، پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشيءَ جا وڪيل به عدالت ۾ پيش ٿيا

 جيل ٻاهران پوليس جي اضافي نفري مقرر، صرف 12 وڪيلن کي جيل ۾ داخلا جي اجازت ڏني وئي، ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيلن اعتراض واريو ته سائفر ڪيس  جي ان ڪئمرا ٻڌڻيءَ جو فيصلو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيل آهي

پي ٽي آءِ وڪيلن موجب جيستائين عدالت جو فيصلو نه ٿو اچي تيستائين ايف آءِ اي جي چالان جون ڪاپيون وصول نه ڪنداسين، وڪيلن جي اعتراض سبب عدالت اڊياله جيل ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي بابت ڪيس جي ٻڌڻي 9 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جج ابوالحسنات ذوالقرنين ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ بعد اڊياله جيل کان روانو، سائفر ڪيس جي ان کان اڳ 3 ٻڌڻيون اٽڪ جيل ۾ ٿي چڪيون آهن

ايف آءِ اي سائفر ڪيس جو چالان آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي چڪو ۽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي 10 آڪٽوبر تائين جڊيشل رمانڊ تي آهن