مٽياري: اڳوڻو ايم اين اي امير علي شاهه ڄاموٽ لاڏاڻو ڪري ويو

مٽياري: مٽياري شهر سان تعلق رکندڙ  محترمه بينظير ڀٽو جو ويجهو ساٿي ۽ اڳوڻو حيدرآباد جو ايم اين اي امير علي شاھ ڄاموٽ وفات ڪري ويو  آهي.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جو ويجهو ساٿي اڳوڻو ايم اين اي حيدرآباد امير علي شاھ ڄاموٽ ڪجهه وقت علالت بعد لاڏاڻو ڪري ويو 

ياد رهي ته امير علي شاهه ڄاموٽ ايم اين اي سيد طارق حسين شاه ڄاموٽ جو والد هو  جيڪو حيدرآباد مان ڪيترا دفعا ئي پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي ايم اين اي سميت ٻين اهم عهدن تي مقرر رهيو.

مرحوم امير علي شاهه ڄاموٽ جي جنازي نماز اڄ مٽياري جي ڄاموٽ پارڪ ۾ ادا ڪئي ويندي سيد امير علي شاهه ڄاموٽ جي لاڏاڻي تي مٽياري جي سياسي سماجي ،پارٽين سميت پاران گهري ڏک جو اظهار ڪيو پيو وڃي جڏهن ته سيد امير علي شاهه ڄاموٽ جي لاڏاڻي مٽياري ضلعي ۾ سوڳ واري صورتحال پيدا ٿيل آهي