اسلام آباد: خصوصي عدالت سائفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي جوڊيشل رمانڊ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.
اسپيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خصوصي عدالت جي جج ابوالحسنات پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف اٽڪ جيل ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ليگل ٽيم ۾ شامل لطيف کوسه، نعيم پنجهوته، بيرسٽر سلمان صفدر ۽ عمير نيازي عدالت ۾ پيش ٿيا.
جج ابوالحسنات ذوالقرنين سائفر ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ تحريڪ انصاف چيئرمين جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 10 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.
ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي سائفر ڪيس ۾ جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالتي عملي سندس حاضري لڳائي جنهن کان پوءِ عدالت شاهه محمود قريشي جي به جوڊيشل ريمانڊ ۾ 10 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.
- شيئر