ڪورڊوبا ڪئير انسٽيٽيوٽ  پاران پاڪستان جي 78هين آزادي واري ڏهاڙي جو جشن

ڪراچي : پاڪستان جي آزادي واري ڏهاڙي جي موقعي تي ڪورڊوبا ڪئير انسٽيٽيوٽ (سي سي آءِ) ۾ هڪ رنگا رنگ تقريب منعقد ڪئي وئي ، جنهن ۾ شاگردن جي شاندار ڪارڪردگين شريڪ ماڻهن کي موهت ڪري ڇڏيو. قومي گيتن جي جذبيدار پيشڪش ۽ ڊرامائي ڪارڪردگي وسيلي اتحاد، همت ۽ فخر جو عڪس پيش ڪيو ويو.

ڪورڊوبا ڪئير انسٽيٽيوٽ جي سي اي او ۽ پبلڪ هيلٿ پاليسيءَ جي ڄاتل سڃاتل اڳواڻ، ملڪ احمد جلال پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو:“اڄ جي پرفارمنس نوجوانن جي طاقت کي ٻيهر واضح ڪري رهي آهي ــ سندن حب الوطني ۽ سندن صلاحيت ٻنهي کي. معيار تي ٻڌل، مهارتن واري تعليم وسيلي، سي سي آءِ نوجوانن کي تيار ڪري ٿو ته جيئن اهي نه رڳو خدمت ڪن پر صحت جون سهولتون به سڄي ملڪ ۾ عام ڪن.”

گرين اسٽار سوشل مارڪيٽنگ جي سي اي او، ڊاڪٽر سيد عزيز رب، تقريب جي اهميت کي ساراهيندي چيو:“اهو ڏسي دل خوش ٿئي ٿي ته ڪورڊوبا ڪئير اهڙن صحت جي پروفيشنلن کي تيار ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، جيڪي پنهنجي قومي سڃاڻپ سان جُڙيل آهن. اهڙيون سرگرميون اسان جي پبلڪ هيلٿ جي مستقبل کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.”

 بي بي ايس ايڇ آر آر ڊي بي،جي اڳوڻي سيڪريٽري  جناب شارق احمد پنهنجي راءِ ڏيندي چيو ته : “هن آزادي واري ڏهاڙي جي موقعي تي نوجوانن جو پرفارم ڪرڻ ۽ صحت جي محاذ تي پاڻ وقف ڪندي ڏسڻ، مستقبل جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿو ــ اهڙو مستقبل جتي مهارت ۽ همدردي گڏ هلن ٿا.”

هن تقريب ۾ سي سي آءِ پنهنجي نوجوانن کي مهارت ڏيڻ ۽ سستي، معياري پبلڪ هيلٿ ڪيئر مهيا ڪرڻ لاءِ پنهنجي پختي عزم کي اجاگر ڪيو. جيئن پاڪستان ۾ صحت جي دستيابي جي ضرورت برقرار آهي، تيئن ئي چڱيءَ طرح تربيت يافته نرسن ۽ ٻين صحت سان لاڳاپيل پروفيشنلز جو ڪردار تمام اهم بڻجي ويو آهي. ڪورڊوبا ڪئير انسٽيٽيوٽ جديد طرز جي تربيت تي زور ڏئي رهيو آهي، جنهن ۾ فني مهارتن سان گڏ نرميءَ واري مهارت به سيکاري وڃي ٿي ته جيئن هر پس منظر، بشمول پوئتي پيل ڪميونٽيز مان ايندڙ فرد به بااختيار بڻجن..