مني لانڊرنگ ڪيس: پرويز الاهي جي پيش نه ٿيڻ تي وارنٽ جاري

لاهور : اسپيشل ڪورٽ سينٽرل لاهور مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ پرويز الاهي جي پيش نه ٿيڻ جو وارنٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.اسپيشل سينٽرل ڪورٽ جي جج عارف خان نيازي چوڌري پرويز الاهي ۽ سندس خاندان جي ميمبرن سميت ٻين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت پرويز الاهي جي هڪ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ سندس غير حاضري تي ناراضگي جو اظهار ڪيو.