ڪراچي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

ڪراچي: ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
زلزلي مرڪز موجب ڪراچي ۾ زلزلي جو مرڪز ملير کان 10 ڪلو ميٽر اولهه ۾ هو.
سيسمولوجيڪل سينٽر موجب ڪراچي ۾ زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 2.9 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته زلزلي جي گهرائي 30 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.