صدر جي 5 سالن واري عهدي جو مدو اڄ پورو: عارف علوي ايوان صدر خالي نه ڪندو: ذريعا

صدرعارف علوي جي 5 سالن واري عهدي جو مدو اڄ پورو ٿي رهيو آهي، ذريعن موجب صدر مدو پورو ٿيڻ باوجود ايوان صدر خالي ڪرڻ بدران پنهنجيون ذميواريون ادا ڪرڻ جو سلسلو جاري رکندو

ذريعن موجب صدر گذريل هفتي ڪجهه اهم مشاورتي گڏجاڻين دوران نئين صدر جي چونڊ تائين ذميواريون جاري رکڻ تي راضپو ظاهر ڪيو هو

ذريعن موجب نئين صدر جي چونڊ عام چونڊن ذريعي ايندڙ نئين پارليامينٽ جي ذريعي ئي ممڪن ٿي سگهندي