وزيراعظم ايس آءِ ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي جو اڄ اهم اجلاس سڏائي ورتو: سيڙپڪاري بابت معاملن تي غور ويچار

اسلام آباد: نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ايس آءِ ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي جو اڄ اهم اجلاس سڏائي ورتو

اجلاس ۾ چئني صوبن جا نگران وڏا وزير، وفاقي وزير ۽ عسڪري قيادت به شرڪت ڪندي، ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سيڙپڪاري بابت معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو

ايس آءِ ايف سي اختياريون واپارين ۽ ٻين ڌرين سان ملاقاتن بابت اجلاس کي آگاهه ڪنديون، اجلاس ۾ سيڙپڪاري سميت ٻين معاملن تي اهم فيصلا ٿيڻ جا امڪان آهي