آءِ ايم ايف نگران حڪومت کان خرچن ۾ گهٽتائي ۽ نجڪاري جو عمل تيز ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: آءِ ايم ايف نگران حڪومت کان اسٽينڊ باءِ پروگرام جي شرطن تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ خرچن ۾ گهٽتائي، ادارن جي نجڪاري ۽ 203 سرڪاري ڪمپنين کي منسٽريز مان ڪڍي ناڻي واري وزارت جي ماتحت ڪرڻ جا مطالبا شامل آهن.

رپورٽ موجب آءِ ايم ايف جي شرطن سان نگران حڪومت جو امتحان شروع ٿي ويو آهي. آءِ ايم ايف نگران حڪومت کان خرچ گهٽ ڪرڻ ۽ ادارن جي نجڪاري  جو عمل تيز ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. 3 ارب ڊالرن جي اسٽينڊ باءِ معاهدي جي تحت 203 سرڪاري ڪمپنين کي هلندڙ مالي سال ناڻي واري وزارت جي انتظامي ڪنٽرول ۾ ڏيڻ آهي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو موقف آهي ته اهڙي ڪمپنين جو انتظام لائن منسٽريز وٽ هجڻ بهتري ۾ رنڊڪ آهي. پاور سيڪٽر ۾ جنڪوز ۽ ڊسڪوز ۾ ناقص گورننس سبب نقصان ۾ اضافو ٿيو. پيٽروليم ڊويزن جي تيل ۽ گيس جي منافعي بخش ڪمپنين کي به وڏي خساري کي منهن ڏيڻو پيو آهي. ناڻي واري  وزارت اهو به ٻڌايو ته اهڙي طرح آءِ ايم ايف هلندڙ مالي سال پي آءِ اي، اسٽيل مل، آر ايل اين جي پاور پلانٽس ۽ ڊسڪوز جي نجڪاري چاهي ٿو.

ٻئي طرف ڪابينه جي نجڪاري ڪميٽي جو اجلاس نگران ناڻي واري وزير شمشاد اختر جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ نئين سري جوڙجڪ جي حوالي سان رنڊڪن کي ختم ڪرڻ لاءِ ٽيڪنيڪي ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڊسڪوز جي انتظاميه ۾ نجي شعبي کي شامل ڪرڻ جو منصوبو پيش ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، نگران توانائي واري وزير جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي ۾ سيڪريٽري نجڪاري ڪميشن، اسپيشل ناڻي واري وزارت جو سيڪريٽري ۽ نيپرا جا ميمبر شامل آهن.