بجلي بچت: سڄي ملڪ جو ڪاروبار مغرب وقت بند ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد: توانائي واري وزارت بجلي بحران تي قابو ڪرڻ جي لاءِ سڄي ملڪ جا دوڪان ۽ ڪاروبار مغرب وقت بند ڪرڻ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي آهي.

توانائي واري وزارت جي ذريعن موجب تجويز تي پهرين آڪٽوبر کان 15 فيبروري تائين عمل ڪرڻ جو امڪان آهي. جنهن جي لاءِ سمورن چيمبرز آف فيڊريشن ۽ واپاري تنظيمن سان مشاورت شروع ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب تجويز تي چئني صوبائي حڪومتن کي عمل ڪرڻ جو چيو ويندو. بجلي بحران تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قانونسازي جو مسودو تيار ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب اهڙي قدم سان روزاني 1500 ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي جي بچت ٿيندي.

ياد رهي ته گذريل پي ڊي ايم حڪومت به دڪانون ۽ ڪاروبار جلد بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو پر اهي به ڪاروبار جلدي بند ڪرائڻ تي عمل نه ڪرائي سگهيا هئا.