سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي اُٿل پٿل: 8 ڊي آءِ جيز، 31 ايس ايس پيز تبديل

سنڌ پوليس جي 8 ڊي آءِ جيز ۽ 31 ايس ايس پيز جون مقرريون ۽ بدليون ٿيون آهن، اليڪشن ڪميشن مقررين ۽ بدلين جي منظوري ڏني آهي

ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد، سکر ڊويزنز جي ڊي آءِ جيز کي تبديل ڪيو ويو آهي

اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن موجب، طارق ڌاريجو ڊي آءِ جي حيدرآباد، تنوير احمد اوڍو ڊي آءِ جي ميرپور خاص، خادم حسين رند ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، جاويد جسڪاڻي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، اظهر مهيسر کي ڊي آءِ جي اوڀر ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي

عاصم خان ڊي آءِ جي اولهه ڪراچي،پرويز چانڊيو ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ۽ عبدالحميد کوسو ڊي آءِ جي سکر مقرر ٿي ويو آهي

سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي اُٿل پٿل جي منظوري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڏني آهي، جنهن کانپوءِ مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي

اهڙي ريت سنڌ جي 31 ضلعن ۾ مقرر ايس ايس پيز کي پڻ ٻين ضلعن ڏانهن بدلي ڪيو ويو آهي

Massive reshuffle in Sindh Police: 8 DIGs