ناڻي واري وزارت بجلي جي بلن ۾ ريليف جو نئون پلان آءِ ايم ايف ڏانهن اماڻي ڇڏيو

اسلام آباد: ناڻي واري وزارت بجلي جي بلن ۾ ريليف جو نئون پلان عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب آءِ پي پيز جي لاءِ مقرر ڪيل واڌو رقم کي بجلي جي بلن ۾ ريليف ڏيڻ جي لاءِ ايڊجسٽ ڪري سگهجي ٿو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته بل مان قسط وصول ٿيڻ تي 15 ارب کان وڌيڪ جي اها رقم واپس آءِ پي پيز جي لاءِ رکي ويندي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف سان نئين پلان تي ناڻي واري وزارت جون اختياريون ٻيهر ڳالهائينديون. نئين پلان ۾ آءِ ايم ايف کي بجيٽ کان ٻاهر ريليف نه ڏيڻ جي يقين دهاني ڪرائي وئي آهي.

ياد رهي ته ان کان اڳ عالمي مالياتي فنڊ نگران حڪومت کي بجلي جي بلن ۾ ريليف جو پلان رد ڪري ڇڏيو هو.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پلان ۾ ٻڌايو ويو هو ته بجلي جي بلن ۾ ريليف سان ساڍا 6 ارب روپين کان گهٽ جو اثر پوندو. آءِ ايم ايف پلان رد ڪندي 15 ارب روپين کان وڌيڪ جو اثر ٻڌايو. ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف 15 ارب روپين جي مالياتي گنجائش پوري ڪرڻ جو پلان به گهري ورتو آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته بجلي جي بلن ۾ ريليف ڏيڻ جي لاءِ بجيٽ مان آئوٽ نه ٿيڻ جي آءِ ايم ايف کي يقين دهاني ڪرائي وئي آهي. بلن کي 4 مهينن ۾ وصول ڪرڻ جي لاءِ به آءِ ايم ايف کي درخواست ڪئي وئي آهي.