ڪنگ خان جي “جوان” خميس تي رليز ٿيندي، ايڊوانس بڪنگ، نئون رڪارڊ قائم

ممبئي :بالي ووڊ جي سپر اسٽار شاهه رخ خان جي فلم ”جوان“ 7 سيپٽمبر تي رليز لاءِ پيش ڪئي ويندي ۽ ان ايڊوانس بڪنگ جو نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.ڀارتي ميڊيا موجب ٽڪيٽ بڪنگ جي پهرين ڏينهن 4 ڪروڙن جون ٽڪيٽون وڪرو ڪري ”جوان“ سلمان خان جي ”ڪنهن ڪا ڀائي ڪسي ڪي جان“ کي پوئتي ڇڏي ڏنو.”جوان“ جي ايڊوانس ٽڪيٽن جي بڪنگ صبح جو 10 هين کان منجهند جو ٽي وڳي تائين جاري رهي ۽ ان دوران هڪ لک کان وڌيڪ ٽڪيٽون ڪريون ٿيون.بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جي ڄانايل فلم هلندڙ سال جي شروعات ۾ 3.39 ڪروڙ جون ٽڪيٽون وڪرو ڪري رڪارڊ قائم ڪيو هو.

advance bookingKing Khan's "Jawan" to release on Thursday