ايشيا ڪپ شروع: ملتان ۾ رنگارنگ افتتاحي تقريب

ملتان اسٽيڊيم ۾ رنگارنگ افتتاحي تقريب سان پاڪستان ۾ ايشيا ڪپ جا دنگل شروع ٿي ويا آهن

پاڪستاني سنگر عائمه بيگ ۽ نيپال جي تريشالا گورونگ سرن جي ورکا ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، پاڪستاني رنگ ۾ رنگيل ڦوڪڻا هوا ۾ اڏايا ويا

ايشيا ڪپ جي افتتاحي دنگل ۾ پاڪستان ۽ نيپال جون ٽيمون آمهون سامهون آهن،پاڪستان جي ٽيم ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪري رهي آهي

قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته پچ ڏسڻ سٺي پئي لڳي، ايشيا ڪپ ۾ سٺي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي ڪوشش ڪنداسين

نيپالي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت پوڊيل چيو ته اسان پهريون ڀيرو ايشيا ڪپ کيڏي رهيا آهيون، وڪيٽ بيٽنگ لاءِ سٺي لڳي رهي آهي