چيف جسٽس سان چيف اليڪشن ڪمشنر جي ملاقات، عام چونڊن تي ڳالهيون

اسلام آباد:  سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر وچ ۾ اهم ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ عام چونڊون جلد منعقد ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون آهن.

رپورٽ موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال سان چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ملاقات ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون آهن.

ذريعن موجب ٻنهي وچ ۾ ملاقات 2 ڪلاڪن تائين جاري رهي آهي جنهن ۾ چونڊون تڪڙيون ڪرائڻ ۽ ان ۾ ايندڙ رنڊڪن، آدمشماري جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ذريعن موجب چيف جسٽس چونڊن دوران آئين جي شقن تي عمل ڪرڻ جو زور ڏنو. جڏهن ته اليڪشن ڪمشنر چيف جسٽس کي پنهنجن مسئلن کان آگاهي ڏني.

Meeting between Chief Justice and Chief Election Commissioner