تحريڪ انصاف 90 ڏينهن دوران چونڊون ڪرائڻ لاءِ نگران وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين مخدوم شاهه محمود قريشي 90 ڏينهن دوران چونڊون ڪرائڻ لاءِ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي خط لکي ڇڏيو آهي.

شاهه محمود قريشي ڪور ڪميٽي جي چوڻ تي نگران وزيراعظم کي خط لکندي چيو آهي ته ملڪ تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي. اڳوڻي حڪومت رياستي ادارن کي آئين موجب هلائڻ جي بجاءِ پنهنجي جڳهه ٺاهڻ ۽ پاڻ کي احتساب کان بچائڻ جي لاءِ هڪ کان پوءِ ٻئي طريقي جو استعمال ڪيو جنهن سبب رياست جي بنيادن کي تمام گهڻو نقصان پهتو.

شاهه محمود قريشي چيو ته اڳوڻن حڪمرانن تحريڪ انصاف کي چونڊ ڊوڙ کان ٻاهر ڪرڻ جي نيت سان رياستي ادارن جو استعمال ڪيو. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي اٽڪ جيل ۾ انسانيت سوز حالتن ۾ رکيو ويو آهي. جيل ۾ عمران خان سان رکيل سلوڪ ڪنهن به ملڪ جي انتظامي ۽ عدالتي نظام جي چهري تي هڪ بدنما داغ آهي. عمران خان کي آئين ۽ جيل جي قاعدن موجب بنيادي حقن جي فراهمي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.

هن چيو ته تحريڪ انصاف جي 10 هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن مٿان پابنديون لڳايون ويون آهن. عدالتي حڪمن جي به توهين ڪئي پئي وڃي. ملڪ کي ٻيهر آئين ۽ قانون جي رستي تي هلائڻ جو وقت اچي ويو آهي. هن چيو ته اسيمبلي جو قانون وقت کان اڳ اسيمبلي ٽوڙڻ جي صورت ۾ 90 ڏينهن ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ جو حڪم  ڏئي ٿو. ان ڪري اسان جو پرزور مطالبو آهي ته اوهان چونڊن کي وقت تي ڪرائڻ کي يقيني بنايو.

شاهه محمود قريشي چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل طرفان آدمشماري جي نتيجن جي دير سان منظوري کان پوءِ نئين تڪ بندين جي معاملي کي چونڊن ۾ التوا جو بهانو نٿو بنائي سگهجي. اسان گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي فيصلي کي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا.