سرهاڙي: هزاره ايڪسپريس حادثي کان پوءِ ڊائون ٽريڪ بحال، ٽرينن جي روانگي شروع

نوابشاهه: سرهاڙي ۾ هزاره ايڪسپريس جي حادثي کان پوءِ ڊائون ٽريڪ تقريبن 18 ڪلاڪن کن پوءِ بحال ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٽرينن جي روانگي به شروع ٿي وئي آهي.

آچر تي ڪراچي کان حويليان ويندڙ هزاره ايڪسپريس جون 10 بوگيون سانگهڙ ۾ سرهاڙي  واري هنڌ تي پٽڙي تان لهي ويون جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ  ۾ گهٽ 30 ڄڻا فوت ۽ 80 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

هزاره ايڪسپريس جو حادثو ڪيئن ٿيو؟ ان جا سبب اڃان تائين سامهون نه اچي سگهيا آهن. ريلوي واري وزير سعد رفيق تخريبڪاري جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.

حادثي جو شڪار ٽرين هزاره ايڪسپريس جي 10 بوگين کي 13 ڪلاڪن کان پوءِ ٽريڪ تان هٽايو ويو جنهن کان پوءِ ڊائون ٽريڪ 18 ڪلاڪن کان پوءِ بحال ڪيو ويو آهي ۽ مختلف اسٽيشنن تي روڪيل ٽرينون ڪراچي لاءِ روانيون ٿي ويون آهن. جڏهن ته اپ ٽريڪ اڃان تائين بند آهي جنهن جي بحالي جو ڪم جاري آهي.

ريلوي اختيارين موجب راولپنڊي کان ڪراچي ايندڙ گرين لائن کي روانو ڪيو ويو آهي. هزاره ايڪسپريس حادثي کان پوءِ گرين لائن کي نوابشاهه اسٽيشن وٽ روڪيو ويو هو. ان کان علاوه حويليان کان ڪراچي ويندڙ هزاره ايڪسپريس به رواني ڪئي وئي آهي.

Sirhari: Down track restored after Hazara Express accident