اسلام آباد: نگران وزيراعظم جي مقرري جو معاملو آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف نگران وزيراعظم جا نالا فائنل ڪري ڇڏيا. هن اپوزيشن اڳواڻ سان ملاقات تائين نگران وزيراعظم جا نالا ظاهر نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ اپوزيشن اڳواڻ راجا رياض جي مشاوت کان پوءِ نگران وزيراعظم جي نالن جو اعلان ٿيڻو آهي.
اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف، اڳوڻي صدر آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ شهباز شريف سان مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي. نوازشريف شروعاتي طور تي شهباز شريف کي 3 نالا اماڻي ڇڏيا آهن.
وزيراعظم شهباز شريف اپوزيشن اڳواڻ سان ايندڙ 36 ڪلاڪن ۾ ملاقات ڪندو جنهن کان پوءِ اتفاق راءِ جي صورت ۾ وزيراعظم جي نالن جو اعلان ڪيو ويندو. اتفاق راءِ نه ٿيڻ تي نالا اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيا ويندا.
اپوزيشن اڳواڻ سان وزيراعظم جي نالي تي اتفاق راءِ نه ٿيڻ تي اسيمبلي ٽوڙڻ جي باوجود شهباز شريف وزيراعظم برقرار رهندو. اليڪشن ڪميشن طرفان نالن جي اعلان تائين وزيراعظم جو عهدو شهباز شريف وٽ ئي رهندو. ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف طرفان 10 آگسٽ کان اڳ اسيمبليون ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو هو.