پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀينرن سميت روپوش اڳواڻن کي اشتهاري قرار ڏيارڻ لاءِ ڪارروائي شروع

لاهور: پنجاب پوليس تحريڪ انصاف چيئرمين جي ڀينرن سميت روپوش پي ٽي آءِ اڳواڻن کي اشتهاري قرار ڏيارڻ جي لاءِ ڪارروائي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.

پوليس اختيارين موجب شروعاتي طور تي 22 پي ٽي آءِ اڳواڻن کي دهشتگردي جي انت واري عدالت مان اشتهاري قرار ڏيڻ جي لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي ويندي.

پوليس موجب شروعاتي طور تي عظميٰ خان، عليمه خان، ميان اسلم اقبال کي اشتهاري قرار ڏياريو ويندو. ان کان علاوه حماد اظهر، فرخ حبيب، زبير نيازي، مراد سعيد کي به اشتهاري قرار ڏنو ويندو.

پوليس اختيارين ٻڌايو آهي ته علي امين گنڊاپور، اسد زمان چيمه، حسان نيازي، حافظ فرحت، اعظم سواتي، عندليب عباس، خالد گجر ۽ ڪرامت کوکر به ساڳئي لسٽ ۾ شامل آهن.

پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪيترائي ڇاپا هنيا ويا پر گرفتاري نه ٿي سگهي.  جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏياري اهڙا اشتهار سندس رهائشگاهه تي لڳايا ويندا.

  • شيئر