بلوچستان ۾ شهيد ٿيل سنڌ واسي 2 جوانن جي فوجي اعزاز ۾ تدفين

بلوچستان ۾ دهشتگردن سان ويڙهه دوران شهيد ٿيل سنڌ واسي ميجر ثاقب ۽ ميهڙ واسي نائڪ باقر علي جي فوجي اعزاز سان تدفين، پاڪ فوج جي شهيد ميجر ثاقب جي جنازي نماز پوليس لائين سانگهڙ ۾ ادا ڪئي وئي

 فوجي جٿي پاران سلامي پيش ڪئي وئي، جنازي نماز ۽ تدفين ۾ وارثن، فوجي آفيسرز، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين طرفان وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي وئي

دهشتگردن سان ويڙهه ۾ شهيد ٿيل دادو ضلعي جي نائڪ باقر علي جو مڙهه به ميهڙ ويجهو بخش لاکير ۾ فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو

 فوج جي جٿي پاران سلامي پيش ڪئي وئي، شهيد ٿيل ميجر ثاقب جي سوڳوارن ۾ والدين ۽ بيوهه شامل، شهيد باقر علي جي سوڳوارن ۾ ٽن سالن جي نياڻي ۽ بيوهه شامل آهن

 آءِ ايس پي آر موجب بلور ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران دهشتگردن سان ويڙهه شروع ٿي وئي

آءِ ايس پي آر موجب ويڙهه ۾ سانگهڙ سان تعلق رکندڙ ميجر ثاقب ۽ دادو ضلعي سان تعلق رکندڙ نائڪ باقر علي شهيد ٿي پيا، دهشتگردن سان ويڙهه ۾ پاڪ فوج جو لانس نائڪ عمير زخمي ٿي پيو، سيڪيورٽي فورسز  قوم سان گڏجي امن تباهه ڪرڻ وارين ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن