صوفي ڊيوائن جو ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان

برمنگهم: نيوزي لينڊ وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان صوفي ڊيوائن ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ چيو ته صوفي ڊيوائن آءِ سي سي وومين ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي آخر ۾ رٽائر ٿي ويندي. صوفي ڊيوائن 152 هڪ ڏينهن واري بين الاقوامي ميچن ۾ نيوزي لينڊ جي نمائندگي ڪئي آهي، ۽ سندس اڳواڻي ۾، نيوزي لينڊ جي عورتن جي ٽيم 2022 جي ڪامن ويلٿ گيمز ۾ برونز ميڊل کٽيو.نيوزي لينڊ وومين ٽيم گذريل سال صوفي ڊيوائن جي اڳواڻي ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ پڻ کٽيو هو. صوفي ڊيوائن 7,421 بين الاقوامي رنسون ٺاهيون آهن، جن ۾ ون ڊي ۾ 8 سينچريون ۽ ٽي 20 ۾ هڪ سينچري شامل آهي. صوفي ڊيوائن پنهنجي بين الاقوامي ڪيريئر ۾ 226 وڪيٽون پڻ ورتيون آهن.