اسلام آباد: پاڪستان ۽ سعودي عرب سميت 20 ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ايران جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪندي چيو آهي ته تهران جي ايٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بنائڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
پاڪستان پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل هڪ پڌرائي ۾ انهن ملڪن رياستن جي خودمختاري، علاقائي سالميت جي احترام، بهتر پاڙيسري جي اصولن جي پاسداري ۽ تڪرارن جي پرامن حل تي زور ڏنو.
پڌرائي موجب ايران جي خلاف اسرائيلي جارحيت جي مذمت ڪندڙن ۾ پاڪستان، سعودي عرب، الجزائر، بحرين، برونائي، چاڊ، ڪوموروس، جبوتي، مصر، عراق، اردن، ڪويت، ليبيا، اسلامي موريطانيه، قطر، صوماليه، سوڊان، ترڪي، عمان ۽ متحده عرب امارات جا پرڏيهي وزير شامل آهن.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي قراردادن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي فيصلن موجب اهڙن ايٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بنائڻ کان مڪمل طور تي پاسو ڪرڻ سڀني کان وڌيڪ اهم آهي، جيڪو آءِ اي اي اي نگراني ۾ آهن.
اهڙن ايٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بنائڻ عالمي قانون ۽ عالمي انساني قانون، خاص طور تي 1949 جي جينيوا ڪنوينشن جي ڀڃڪڙي آهن. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ايراني ايٽمي پروگرام جي باري ۾ پائيدار معاهدي تائين پهچڻ جي لاءِ فوري طور تي ڳالهين جي رستي تي واپس اچڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته اهوئي واحد عمل جوڳو طريقو آهي.
گڏيل پڌرائي ۾ اهڙن ملڪن وچ اوڀر ۾ تيزي سان تبديل ٿيندڙ علاقائي صورتحال ۽ ڇڪتاڻ ۾ اضافي، خاص طور تي اسرائيل طرفان ايران تي جاري فوجي جارحيت کي نظر ۾ رکندي انهي موقف جي ٻن لفظن ۾ توثيق ڪئي آهي ته 13 جون 2025 کان ايران تي اسرائيل جي حملي ۽ هر اهو قدم مذمت جوڳو آهي جيڪو عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن جي ابتڙ آهي.
وڌيڪ چيو ويو ته رياستن جي خودمختاري، علائقائي سالميت جو احترام، سٺي پاڙيسري جي اصولن جي پاسداري ۽ تڪرارن کي پرامن طور تي حل ڪيو وڃي. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اسرائيل طرفان ايران تي حملا فوري طور تي روڪڻ جي سخت ضرورت آهي جيڪي وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي وڌندڙ ماحول ۾ ٿي رهيا آهن.
پڌرائي ۾ زور ڏنو ويو ته ڇڪتاڻ جي خاتمي، مڪمل جنگبندي ۽ امن جي بحالي لاءِ قدم ضروري آهن، اها خطرناڪ صورتحال سخت ڳڻتي جوڳي آهي، جيڪا پوري خطي جي امن ۽ استحڪام جي لاءِ سنگين نتيجا سامهون آڻي سگهي ٿي. عالمي قراردادن جي تحت وچ اوڀر کي ايٽمي ۽ ٻين تباهي آڻيندڙ هٿيارن کان پاڪ علائقو قرار ڏيڻ جي فوري ضرورت آهي جيڪو خطي جي سمورن ملڪن تي لاڳو هجي