هاڻي واٽس ايپ به ” اشتهار“ ڏيکاريندو

واٽس ايپ، جيڪا ورهين کان واهپيدارن لاءِ اشتهار کان پاڪ پيغام رسائيندڙ ايپ رهي آهي، هاڻي ميٽا طرفان اشتهار متعارف ڪرائڻ جي تياري ڪري رهي آهي.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور اشتهار فقط ”اسٽيٽس اسڪرين“ تي ڏيکاريا ويندا.
جيئن انسٽاگرام وانگر جتي اسٽوريز جي وچ ۾ اشتهار ڏيکاريا وڃن ٿا، تيئن واٽس ايپ تي به اسٽيٽس ڏسڻ دوران واهپيدار اشتهار ڏسندا.
ميٽا موجب، انهن اشتهارن جي چونڊ مختلف عنصرن جي بنياد تي ڪئي ويندي، جن ۾ ملڪ، ٻولي، ۽ واهپيدارن جا فالو ڪيل چئنلز شامل آهن.
ڪمپني واضح ڪيو آهي ته واهپيدارن جي ذاتي ڊيٽا جهڙوڪ پيغام ڪالون، گروپس يا فون نمبر اشتهار لاءِ استعمال نه ڪيا ويندا. ها پر جيڪڏهن صارف واٽس ايپ اڪائونٽ کي ميٽا جي ”اڪائونٽ سينٽر“ سان لنڪ ڪندو ته پوءِ ان جي ترجيحن کي اشتهار لاءِ استعمال ڪيو ويندو.
ميٽا جو چوڻ آهي ته هي نئون فيچر ڪمپنين ۽ واهپيدارن جي چئنلز جي پروموشن ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
في الحال واٽس ايپ آمدني لاءِ واٽس ايپ بزنس ۽ ”ڪلڪ-ٽو-واٽس ايپ“ اشتهارن تي ڀاڙي ٿو، جڏهن ته مستقبل ۾ سرچ اشتهار ۽ سبسڪرپشنز ذريعي به ڪمائي ڪئي ويندي.
واٽس ايپ جي نائب صدر ايلس نيوٽن ريڪس موجب، مختصر اشتهار ايپ جي آمدني لاءِ اهم ذريعو ثابت ٿيندا، جڏهن ته اشتهارن سان لاڳاپيل فيچرز ايندڙ مهينن دوران هوريان هوريان سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرايا ويندا.
ياد رهي ته ميٽا (جنهن جو نالو اڳ فيس بُڪ هو) واٽس ايپ کي 2014ع ۾ 19 ارب ڊالرن عيوض خريد ڪيو هو ۽ هاڻي لڳ ڀڳ 11 سالن کانپوءِ اشتهار واٽس ايپ جو حصو بڻجڻ جا منتظر آهن.