سال 24-2023 ۾ ملڪي دفاع تي ڪيترو پئسو خرچ ڪيو ويندو؟

اسلام آباد : مالي سال 24-2023 ۾ ملڪي دفاع تي 1804 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا.

ناڻي واري وزير اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ وفاقي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب هلندڙ سال جي دفاعي بجيٽ واڌئيندي 18 لک 4 ارب رپيا ڪئي وئي آهي، گذريل مالي سال دفاعي بجيٽ 15 کرب 23 ارب رپيا هئي.