اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪيه پهچي ويو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف صدر رجب طيب اردوان جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. ذريعن موجب وزيراعظم ترڪيه ۾ سرمائيڪارن ۽ واپاري اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه سان گڏيل لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. وزيراعظم جي وفد ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ خاص معاون طارق فاطمي به شامل آهن.