ڪراچي: 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ ٽن اڳوڻن وزيرن نيب آڏو پنهنجا بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيا

برطانوي نيشنل  ڪرائم ايجنسي 190 ملين پائونڊ  جي ڪيس ۾ ٽن اڳوڻن وزيرن نيب آڏو پنهنجا بيان قلمبند  ڪرائي ڇڏيا آهن

 ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي، فروغ نسيم۽ پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ علي زيدي  ٻڌايو ته هن رقم بابت معاملو ڪابينا جي ايجنڊا جو حصو نه هو

 ٽنهي وزيرن ٻڌايو ته ڪابينا جي اجلاس  ۾ اسان کي نه ڪا بريفنگ ڏني وئي نه دستاويز  ڏيکاريا ويا، بس چيو ويو ته منظوري ڏئي ڇڏيو، نيب ٽنهي اڳوڻن وزيرن کان  ڏيڍ ڪلاڪ تائين پڇا ڳاڇا ڪئي