سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي تباهي، 7 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي

ڪراچي : سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گجگوڙ سان پيل وسڪاري تباهي مچائي ڇڏي، وڄ ڪرڻ سميت مختلف واقعن ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا

 مٺي ويجهو ميلي تي ويندڙ ياترين جي قافلي تي وِڄ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 6 ياتري فوت ۽ 9 زخمي ٿي پيا، ڊي جي هيلٿ وڄ ڪرڻ واري واقعي ۾ ٿيل جاني نقصان جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي

 رپورٽ موجب فوتين ۾ سنتوش، وويڪ، گووند، لالُو، ويلو ۽ ڀالجي شامل، زخمين ۾ نينگر ڪڇال، چمن، چندو، رميش ۽ ٻيا شامل، گهوٽڪي ۾ طوفاني برسات دوران گهر مٿان کجيءَ جو وڻ ڪري پيو، نينگر اڪبر علي چاچڙ دٻجي فوت ٿي ويو

 ڪوٽ غلام محمد، ماتلي، ڪنري، پٿورو، ٽنڊو آدم ۽ ڪنڊيارو ۾ اڄ ٻئي ڏينهن به وسڪارو، مورو، بڪيرا شريف، ميان صاحب، ٺري ميرواهه ۽ ٽالهي ۾ به برسات، ڇاڇرو، ڊگهڙي، کپرو، ڄام نواز علي ۽ ٻين علائقن ۾ به وسڪارو جاري آهي

 لاڙڪاڻو، ڀريا سٽي، فريد آباد ۽ ٻين شهرن ۾ گذريل ڏينهن جي وسڪاري بعد پاڻي بيهجي ويو، بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، شهري پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا

Destruction of rains in different cities of Sindh