وفاق ۽ پنجاب حڪومت صوبي ۾ چونڊن جي مخالفت ڪري ڇڏي، سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع

اسلام آباد: وفاقي حڪومت ۽ نگران پنجاب حڪومت صوبي ۾ تڪڙين چونڊن جي مخالفت ڪندي سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.

رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ طرفان چونڊن جي تاريخ ڏيڻ واري معاملي تي نگران پنجاب حڪومت طرفان چيف سيڪريٽري پنجاب سپريم ڪورٽ ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.

پنجاب حڪومت جواب ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار سپريم ڪورٽ جو نه آهي. چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار رياست جي ٻين ادارن کي آهي. 14 مئي تي چونڊن جي تاريخ ڏئي اختيارن جي آئيني ورهاست جي ڀڃڪڙي ٿي آهي.

جواب ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 218 جي تحت صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن کي اختيار آهي. اختيارن جي ورهاست کي نظر ۾ رکندي سپريم ڪورٽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊن جي تاريخ نه ڏني.  چونڊ پروگرام ۾ تبديلي جو اختيار اليڪشن ڪميشن جو آهي.

پنجاب حڪومت جواب ۾ چيو آهي ته عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ سول ۽ ملٽري ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو پرتشدد احتجاج ۽ مظاهرا ڪيا ويا جن ۾ 162 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا ۽ 97 پوليس جي گاڏين کي باهيون ڏئي ساڙيو ويو. 9 مئي جي واقعي کان پوءِ صوبي ۾ سيڪيورٽي جون حالتون تبديل ٿي  ويون آهن.

پنجاب حڪومت طرفان لکت واري جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پنجاب ۾ چونڊن جي لاءِ 5 لک 54 هزار سيڪيورٽي اهلڪار گهرجن. جيڪڏهن هن وقت چونڊون ٿيون ته صرف 77 هزار جي نفري  موجود آهي.

ان حوالي سان وفاقي حڪومت به پنجاب ۾ چونڊن واري ڪيس فيصلي تي نظرثاني استدعا ڪري ڇڏي آهي. وفاقي حڪومت اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني درخواست سڀاڻي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر آهي.

Federation and Punjab government opposed the election in the province