جوڊيشل ڪميشن پاران آڊيو ليڪس جي فرانزڪ ٽيسٽ ڪرائڻ ۽ ڪارروائي پبلڪ ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: آڊيو ليڪس تي قائم ٿيل جوڊيشل انڪوائري ڪميشن ليڪ ٿيل آڊيو جي جاچ شروع ڪندي سمورن آڊيوز جي فرانزڪ ٽيسٽ ڪرائڻ ۽ ڪارروائي عوام آڏو آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

رپورٽ موجب آڊيو ليڪس جوڊيشل ڪميشن جو پهريون  اجلاس ڪميشن جي سربراهه ۽ سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو.جوڊيشل ڪميشن اٽارني جنرل کان سمورن آڊيوز جا ٽرانسڪرپٽ طلب ڪري ورتا. آڊيوز ۾ شامل سمورن ماڻهن جا نالا، پتا ۽ رابطا نمبرز به طلب ڪيا ويا. ڪميشن اٽارني جنرل کي سمورو رڪارڊ 24 مئي کان اڳ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل ڪميشن جي نوٽيفڪيشن جا ٽي او آرز ۽ اختيار پڙهي ٻڌايا. جوڊيشل ڪميشن پنهنجو سيڪريٽريٽ سپريم ڪورٽ ۾ قائم ڪري ورتو. اٽارني جنرل کان هڪ موبائيل ۽ سم به ڪميشن ڪارروائي جي لاءِ طلب ڪئي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج هجڻ سبب منهنجا ڪجهه آئيني فرض به آهن. مان سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو ميمبر به آهيان. جوڊيشل ڪميشن ۾ پيش ٿيندڙ ڪوبه جوابدار نه آهي. هن چيو ته اسان جي مٿان وڏو بار آهي. سمورن پيش ٿيندڙن کي احترام ڏنو ويندو. چاهيون ٿا ته ڪميشن جلد پنهنجي ڪارروائي مڪمل ڪري.

اٽارني جنرل عثمان منصور اعواڻ ڪميشن ۾ پيش ٿيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پڇيو ته ڪميشن ڪهڙي قانون جي تحت جوڙيو ويو؟ ان تي اٽارني جنرل چيو ته هي ڪميشن انڪوائري ڪميشن ايڪٽ 2016 جي تحت جوڙيو ويو آهي. ڪميشن جي سربراهه اٽارني جنرل کي ڪميشن جي لاءِ اڄ ئي موبائل فون ۽ سم ڏيڻ جي هدايت ڏني ۽ چيو ته جوڊيشل ڪميشن جي لاءِ ڏنل فون نمبر عوام آڏو آندا وڃن. هوڏانهن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اجلاس دوران آڊيو ليڪس جوڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي عوام آڏو آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

جسٽس فائز عيسيٰ انڪوائري ڪميشن جو اختيار به چٽو ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته انڪوائري ڪميشن سپريم جوڊيشل ڪونسل نه آهي ڪميشن پنهنجي سموري ڪارروائي اسلام آباد سپريم ڪورٽ ۾ ڪندي. جيڪڏهن ڪنهن گواهه يا ڌر ان ڪيمرا ڪارروائي جي درخواست ڪئي ته مناسب حڪم ڏنو ويندو. صرف ڪجهه بزرگ عورتن جا بيان وٺڻ لاءِ ممڪن آهي ته لاهور وڃون.

هن چيو ته اسان جي سامهون پيش ٿيندڙ کي جوابدار نه سمجهيو ويندو. اڄ جوڊيشل ڪميشن جي سيڪريٽري جا نالا فائنل ڪري ٻڌايو ويندو. پوري ڪوشش ڪئي ويندي ته مينڊيٽ موجب ڪارروائي مڪمل ڪئي وڃي. انڪوائري ڪميشن ڪنهن جج جي خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪري رهيو آهي نه ئي ڪندو. ڪميشن صرف حقيقتون ڏسڻ جي لاءِ قائم ڪيو ويو آهي.

جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي اختيار ۾ ڪابه مداخلت نه ٿيندي. سمورن گواهن جي نه صرف عزت ڪنداسين پر جواب ۾ عزت جي اميد به ڪريون ٿا. ڪميشن کي اختيار آهي ته تعاون نه ڪندڙن جا سمن جاري ڪري سگهي. ڪميشن صرف نوٽيس جاري ڪندو ڪوشش هوندي ته ڪنهن جا سمن جاري نه ٿيندي. حڪومتي آفيسرن وٽ اڳ ئي انڪار جي گنجائش نه هوندي آهي.

ڪميشن جي سربراهه چيو ته عوام کان ڄاڻ جي فراهمي لاءِ اشتهار جاري ڪيو ويندو. اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ اشتهار جاري ڪيا ويندا. جوڊيشل ڪميشن اٽارني جنرل کي آڊيوز جي تصديق لاءِ لاڳاپيل ايجنسين جي تعين جي به هدايت ڪئي ۽  چيو ته آڊيو ليڪس جي تصديق لاءِ پنجاب فرانزڪ ايجنسي سان رابطو ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڪوبه شخص چئي ته آڊيو ۾ آواز ان جي نه آهي يا ٽمپرڊ آهي ته ان جي تصديق اڳ ڪرڻي پوندي. فارنزڪ ايجنسي جو هڪ رڪن ڪميشن جي ڪارروائي ۾ موجود هوندو ته جيڪڏهن ڪو شخص انڪار ڪري ته فوري طور تي تصديق ٿي سگهي.  جنهن کان پوءِ جوڊيشل ڪميشن وڌيڪ ڪارروائي 27 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.