عمران خان جي گهر جي تلاشي جا وارنٽ حاصل ڪري ورتا آهن: پوليس

لاهور: لاهور پوليس تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گهر جي تلاشي لاءِ سرچ وارنٽ حاصل ڪري ورتا.
پوليس اختيارين موجب زمان پارڪ ۾ عمران خان جي گهر جي تلاشي لاءِ ويندڙ ٽيم ۾ ايس پي ۽ عورت اهلڪار به شامل هوندا.
پوليس جو چوڻ آهي ته عمران خان جي گهر جي اندرين ۽ ٻاهرئين حصن ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويندو.
پوليس اهو به ٻڌايو آهي ته سرچ آپريشن دوران لاهور ڊويزن جو ڪمشنر به ساڻن گڏ هوندو.