وڳوڙ ۽ ڀڃ ڊاهه: ڪراچي ۾ 3 ڏينهن ۾ ڪيترو نقصان ٿيو؟

ڪراچي ۾ گذريل 3 ڏينهن دوران پرتشدد مظاهرن، ڇڪتاڻ ۽ وڳوڙ جي واقعن ۾ ٿيل نقصان جا تفصيل سامهون اچي ويا

پوليس موجب 9 مئي تي 2 پيپلز بس ۽ 2 واٽر ٽينڪر ساڙي ويا، شاهراهه فيصل اباد ۾ قيدي وين کي به باهه ڏئي ساڙيو ويو

پوليس موجب شهر ۾ 2 درجن کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون ساڙيون ويون، جڏهن ته مظاهرين ڪيترن ئي گاڏين جا شيشا پڻ ٽوڙيا

پوليس جو چوڻ آهي ته 9 مئي تي نرسري ۾ رينجرز جي چوڪي کي باهه ڏئي نقصان پهچايو ويو ۽ 10 مئي تي مظاهرين يونيورسٽي روڊ تي پوليس موبائيل کي باهه ڏني وئي

پوليس موجب ايس پي ۽ ڊي اپيس سميت 10 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، هنگامن، وڳوڙ ۽ ٻين واقعن بعد 10 کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا ويا، جن ۾ پي ٽي ءِ اڳواڻ آفتاب صديقي، راجا اظهر ۽ خرم شير زمان سميت 400 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو

پوليس موجب پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي سميت 250 اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي