پي ٽي آءِ قيادت لاهور ۾ ڪور ڪمانڊر جي گهر مٿان حملي ۾ ملوث نڪتي، آڊيوز ليڪ

لاهور:  پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت پاڻ لاهور ۾ ڪور ڪمانڊر جي گهر مٿان حملي ۾ ملوث نڪتي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ۽ ثبوت سامهون اچي ويا.

وڊيوز ۽ آڊيو ميسيج ۾ پي ٽي آءِ جا اڳواڻ پنهنجن ڪارڪنن کي جناح هائوس تي گڏ ٿيڻ جون هدايتون ڪري رهيا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ ٿيندڙ نقصان تي خوشي ملهائي رهيا آهن. اعجاز چوڌري ۽ سندس پٽ علي چوڌري جي آڊيو ليڪ ٿي وئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اسان لاهور ۾ ڪور ڪمانڊر جو گهر تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

علي چوڌري پڇي ٿو ته گوليون هلايون ويون آهن؟ جنهن تي اعجاز چوڌري کيس جواب ڏئي ٿو ته ها فائرنگ ڪئي آهي پهريان ته هوائي فائرنگ ڪئي وئي پوءِ هڪ برسٽ هنيو ويو، 3 ماڻهن کي گوليون لڳيون آهن.

ليڪ ٿيل آڊيو ۾ چيو ويو آهي ته اسان گلدان کان وٺي گهر جي ڪابه شيءَ ناهي ڇڏي سمورو گهر تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

ٻئي طرف شيخ امتياز ۽ صغير وڙائچ جي مبينه آڊيو ليڪ سامهون اچي وئي آهي جنهن ۾ صغير وڙائچ پڇي ٿو ته شيخ صاحب پنهنجا علائقا بند رکڻا آهن يا صرف سينٽرل پوائنٽ؟ جنهن تي شيخ امتياز کيس چوي ٿو ته اسان هتي ڪور ڪمانڊر جي گهر تي گڏ ٿي ويا آهيون. ان تي صغير وڙائچ پڇي ٿو ته ڪور ڪمانڊر هائوس؟ پوءِ اسان به پهچي وڃون؟ ان تي شيخ امتياز چوي ٿو ته هليا اچو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي گرفتار ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ  لاهور سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ پي ٽي آءِ جي مڇريل مظاهرين ڀڃ ڊاهه کان علاوه گهيراءُ ڪيو، سرڪاري ملڪيتن ۽ عوامي هنڌن کي به باهيون ڏئي ساڙيو ويو.

PTI leadership involved in attack on Corps Commander's house in Lahore