سرڪاري ملازمن لاءِ خوشخبري: پگهارون ۽ پينشن عيد کان اڳ ڏيڻ جي منظوري

اسلام آباد: وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن کي هلندڙ مهيني جي پگهار عيد کان اڳ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي ان سلسلي ۾ مشاورت ٿي، جنهن کانپوءِ سرڪاري ملازمن کي عيدالفطر کان اڳ هن مهيني جي پگهار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ماهوار پينشن جي ادائيگي به عيدالفطر کان اڳ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان اسحاق ڊار طرفان سيڪريٽري کي فوري طور انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.