ڪراچي :ڪراچي ۾ مفتي عبدالقيوم کي هٿياربندن فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، مفتي عبدالقيوم جي قتل جي واردات جا سي سي ٽي وي فوٽيجز منظر عام تي اچي ويا
گلستان جوهر ۾ مفتي عبدالقيوم جي قتل جي واردات جا سي سي ٽي وي فوٽيجز منظر عام تي اچي ويا، فوٽيجز ۾ 2 موٽر سائيڪل سوار جوابدارن کي مفتي عبدالقيوم تي فائرنگ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو
مقتول جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال ۾ مڇريل ماڻهن پاران اسپتال ۾ احتجاج ڪيو ويو، مڇريل ماڻهن جي سڪيورٽي گارڊن سان ڏنڊ چڪ ٿيا، عملي دروازا بند ڪري ڇڏيا، احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون پڻ ڪيون ويون