بارکان واقعو: قتل ڪيل 3 ڄڻن جا مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي

ڪوئٽه: بارکان واقعي ۾ قتل ڪيل 3 ڄڻن کي باءِ پاس ويجهو قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.
تدفين ۾ خان محمد مري ۽ مري قبيلي جي ماڻهن شرڪت ڪئي. خان محمد مري جي 2 پٽن ۽ نامعلوم عورت جا لاش 5 ڏينهن اڳ بارکان جي کوهه مان مليا هئا.
ٽن ڄڻن جي قتل خلاف مري اتحاد پاران چار ڏينهن ڌرڻو هنيو ويو هو.