راولپنڊي: عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته عدليه مٿان دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته هو پنهنجو آئيني ۽ قانوني ذميواري ادا نه ڪري.
پنهنجي ٽوئٽ ۾ شيخ رشيد چيو ته اميد آهي ته ايندڙ 10 ڏينهن ۾ سپريم ڪورٽ ٻڌائي ڇڏيندي ته چونڊن جي تاريخ ڪهڙي ڏينهن ڏيڻي آهي ۽ ڀڃڪڙي تي ڪنهن کي جيل ۾ وجهڻو آهي.
اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته گهرو وزير، دفاع وارو وزير ۽ مريم نواز عدليه کي تنقيد جو نشانو بنائڻ کان علاوه فل بينچ جو پڻ مطالبو ڪري رهيا آهن. سموري قوم سپريم ڪورٽ سان گڏ بيٺل آهي.
عوامي مسلم ليگ جي سربراهه چيوته ايپيڪس ڪمٽي چئي رهي آهي ته ملڪ وڌيڪ عدم استحڪام برداشت نٿو ڪري سگهي. هي اڃان تائين اهو ناهن ٻڌائي سگهيا ته چونڊن جي تاريخ ڪير ڏيندو.
شيخ رشيد چيو ته چاچي جي بچت جي دعويٰ ڀائٽي جي 18 رڪني شاهانه سيڪيورٽي اسڪواڊ تي لاڳو ناهي، 13 پارٽيون چونڊن ۽ معاشي استحڪام کان ڀڄي رهيون آهن.