عمران خان جي جيل ڀريو تحريڪ ناڪام ٿي وئي، هاڻ هو ڦاهي لڳايو تحريڪ شروع ڪري: منظور وساڻ

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ عمران خان کي مشورو ڏيندي چيو آهي ته خان صاحب جي جيل ڀريو تحريڪ ته ناڪام ٿي وئي آهي، هاڻ هن کي ڦاهي لڳايو تحريڪ شروع ڪرڻ گهرجي.
پنهنجي بيان ۾ منظور وساڻ چيو ته جيل ڀريو تحريڪ اصل ۾ عمران خان، فرح خان ۽ بزدار بچايو تحريڪ آهي. جيل ڀريو تحريڪ کان اڳ عمران خان ۽ شيخ رشيد چوندا هئا سڀني کان پهريان اسان گرفتاريون ڏينداسين. گذريل ڏينهن شيخ رشيد ساهورن ڏانهن وڃڻ بجاءِ سنهي گهٽي مان ڀڄي گهر روانو ٿي ويو.
منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته عمران خان گرفتاري ڏيڻ بجاءِ پاڻ عدالت مان ضمانت وٺي ٽنگ تي جعلي پلستر لڳرائي لڪي ويٺو آهي. منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته عمران خان جنهن مقصد جي لاءِ جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪئي سندس اهي مقصد ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. ڪجهه ڪارڪنن کان سواءِ ڪوبه گرفتاري ڏيڻ لاءِ ناهي نڪتو. جن اڳواڻن گرفتاريون ڏنيون آهن اهي هاڻ ضمانتن جي لاءِ درخواستون ڏئي رهيا آهن.
منظور وساڻ عمران خان کي مخاطب ٿيندي وڌيڪ چيو ته خان صاحب جيل ڀريو تحريڪ اوهان کان نه ٿي سگهندي هاڻ اوهان ڦاهي لڳايو تحريڪ شروع ڪريو.