جيل ڀريو تحريڪ: زلفي بخاري ۽ فياض چوهان گرفتاري ڏئي ڇڏي

راولپنڊي: تحريڪ انصاف جي اڳواڻن زلفي بخاري ۽ فياض چوهان جيل ڀريو تحريڪ ۾ گرفتاري ڏئي ڇڏي.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي جيل ڀريو تحريڪ ۾ گرفتاري ڏيڻ لاءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر ڪياني، عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد ۽ ٻيا راولپنڊي جي ڪميٽي چوڪ تي پهتا.
پي ٽي آءِ اڳواڻ فياض چوهان سان گڏ ٻين 10 پي ٽي آءِ ڪارڪنن گرفتاري ڏني جڏهن ته زلفي بخاري ۽ اعجاز خان به گرفتاري ڏئي ڇڏي جنهن کان پوءِ پوليس جي قيدي وين کين ڪميٽي چوڪ کان کڻي روانو ٿي وئي. ان کان علاوه اڳوڻو گهرو وزير شيخ رشيد به پي ٽي آءِ جي جيل ڀريو تحريڪ جي سلسلي ۾ ڪميٽي چوڪ تي موجود آهن.
راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهين دوران غلام سرور خان چيو ته هو گرفتاري نه ڏيندو. ڪجهه اڳواڻ ۽ ٻيا ڪارڪن گرفتاري ڏيندا.