سنڌ ۾ سرڪاري عمارتن ۽ ٻين هنڌن تان سردارن، ڀوتارن ۽ سياستدانن جا نالا هٽائڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ صوبي ۾ سرڪاري عمارتن ۽ ٻين هنڌن تان سردارن، ڀوتارن ۽ سياستدانن جا نالا هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل بينچ سرڪاري پئسن سان ڀوتارن جا عمارتن تي نالا لکڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي هلائي

 عدالت چيو ته نالا نه هٽايا ويا ته انهن سردارن، ڀوتارن ۽ سياستدانن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏينداسين

جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ۾ چيو ته پ پ سکر جو صدر مشتاق سرهيو جيئرو آهي يا شهيد ٿي ويو؟

عدالت چيو ته عمارتن تي ايم آر ڊي تحريڪ جي شهيدن جا نالا به رکيا وڃن ها ته قبول هو، جن جون خدمتون آهن انهن جا نالا رکيا وڃن، نالا نه هٽايا ويا ته خورشيد شاهه، اسلام الدين شيخ ۽ ٻين سياستدانن خلاف ڪيس داخل ڪرائينداسين

The order to remove sardars