ڪراچي: ڪي پي او حملي بابت سي ٽي ڊي اختيارين دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واقعي جا ٻه سهولتڪار ڪراچي ۾ موجود آهن، جن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن
رپورٽ موجب 17فيبروري تي ڪي پي او آفيس تي دهشتگردن حملو ڪيو، ڊي آءِ جي ڏکڻ عرفان بلوچ جي اڳواڻي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ڪيو ويو
رپورٽ موجب جوابي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد پاڻ کي ٽين منزل تي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جوابي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، واقعي جو ڪيس 18 فيبروري تي داخل ڪيو ويو
سي ٽي ڊي موجب حملي ۾ رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن سميت 5 ڄڻا شهيد ۽ 18ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان سان آهي
سي ٽي ڊي اختيارين رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ٽي دهشتگرد ڪار ۾ پوليس صدر لائن پھتا، گاڏي کي به تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ڪار سوار دهشتگردن سان گڏ 2وڌيڪ دهشتگرد موٽرسائيڪل تي آيا
رپورٽ موجب دهشتگردن وٽان 5 دستي بم ۽ 2 آپگهاتي جيڪٽس هٿ ڪيون جن کي ناڪاره بڻايو ويو، پوليس آفيس ۾ موجود سمورن ماڻهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آھن