خواجه آصف سرڪاري زمينن تي قائم گالف ڪلبن جي ماليت ۽ حڪومتي ڪرائي تي سوال اٿاري ڇڏيا

اسلام آباد: بچاءَ واري وزير خواجه آصف سرڪاري زمينن تي قائم ڪيل گالف ڪلبن جي ماليت ۽ حڪومتي ڪرائي تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن

خواجا آصف جو چوڻ آهي ته غريبن جي گهرن تي حڪومت بلڊوزر هلائي ٿي ۽ اربين رپين جي سرڪاري زمينن تي گالف گلب قائم ٿيل آهن، جن جو مناسب ڪرايو به نٿو ورتو وڃي

خواجه آصف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ 200 گالف ڪلب اربين ڊالٽرز جي سرڪاري زمينن تي قائم ڪيل آهن، کربين رپين جي زمين آهي ۽ حڪومت جو ڪرايو رڳو 5000 هزار رپيا آهي، غريبن جي گهرن تي حڪومت بلڊوزر هلائي ٿي اهڙي عمل سان معاشرا تباهه ٿيندا آهن