پاڪستان اُهو ڪندو، جيڪو سندس ذاتي مفاد ۾ هوندو: آمريڪا

ڪراچي: آمريڪا چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا جو ويجهو سيڪيورٽي پارٽنر آهي، پاڪستان اُهو ڪندو، جيڪو سندس ذاتي مفاد ۾ هوندو

آمريڪي پرڏيهي ترجمان نيڊ پرائس واشنگٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنهنجو دفاع ڪرڻ پاڪستان جو حق آهي، پاڪستاني عوام دهشتگرديءَ سبب وڏو نقصان ڀوڳيو آهي

نيڊ پرائيس جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ افغانستان جا گڏيل مفاد آهن، طالبان پنهنجا واعدا پاڙي، خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ طرفي ڪارروائي ڪرڻي پئي ته ڪنداسين، پاڪستان ڪهڙو ايڪشن کڻندو، اُن باري ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي