خزاني جي ڳولا لاءِ قبرون کوٽيندڙ ٽولو گرفتار

ڪوهاٽ؛ خزاني جي ڳولا ۾ قبرون کوٽيندڙ پنج رڪني ٽولي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار خزاني جي ڳولا ۾ قبرون کوٽيندا هئا جن کي رات جي اونداهي ۾ خٽڪ ڪالوني ۾ پراڻي قبرستان مان گرفتار ڪيو ويو.

پوليس موجب جوابدارن جي قبضي مان قبرون کوٽيندڙ اوزار به هٿ ڪيا ويا آهن جڏهن ته جوابدارن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.