هلندڙ سال 5 پاڪستانين سميت 67 صحافي فرضن جي ادائيگي دوران قتل

انٽرنيشنل فيڊريشن آف جرنلسٽس (آءِ ايف جي) طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب سال 2022 ۾ 5 پاڪستاني صحافين سميت 67 صحافي پنهنجي فرضن جي ادائيگي دوران قتل ڪيا ويا.

هلندڙ سال گرفتار يا قتل ڪيل صحافين جي انگ ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن تي آءِ ايف جي صحافين جي حفاظت ۽ آزادي جي تحفظ لاءِ ٺوس قدمن جو مطالبو ورجايو آهي.

آءِ ايف جي ٻڌايو ته گذريل سال 47 صحافين حياتي وڃائي هئي.

عالمي تنظيم جي فهرست موجب 2022 ۾ ملازمت دوران حياتيون وڃائيندڙ پاڪستاني صحافين ۾ حسنين شاهه، ضياءُ الرحمان فاروقي، افتخار احمد، محمد يوسف ۽ صدف نعيم شامل آهن.

آءِ ايف جي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي طرفان صحافين جي حفاظت ۽ آزادي جي آءِ ايف جي ڪنوينشن تي فوري ووٽنگ اڻٽر ٿي وئي آهي.

آءِ ايف جي جي گرفتار صحافين جي فهرست موجب گهٽ ۾ گهٽ 375 صحافي ۽ ميڊيا ورڪر هن وقت جيلن ۾ آهن.

ان فهرست ۾ چين ۽ ان جو اتحادي هانگ ڪانگ سڀ کان مٿي آهن، جن 84 صحافي جيلن ۾ بند آهن، ميانمار ۾ 64، ترڪي ۾ 51، ايران ۾ 34، بيلاروس ۾ 33، مصر ۾ 23، روس ۽ ڪريميا 29، سعودي عرب ۾ 11، يمن ۾ 10، شام ۾ 9 ۽ ڀارت ۾ 7 صحافي قيد آهن.

وچ اوڀر ۽ عرب دنيا ۾ صحافين جي مارجڻ جو انگ 5 آهي، جيڪو گذريل سال 3 هو، چاڊ ۽ صوماليا ۾ 4 صحافي مارجي ويا، آمريڪا ۾ 29، ايشيا پيسيفڪ ۾ 16، يورپ ۾ 13 قتل رڪارڊ ٿيا.