موٽر وي ميگا اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ سنڌ سرڪار جي جاچ ٽيم پنهنجي رپورٽ چيف سيڪريٽري وٽ جمع ڪرائي ڇڏي
ذريعن موجب رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايم سڪس موٽروي ميگا پراجيڪٽ ۾ 3 ارب روپين جي ڪرپشن ٿي، هڪ رات دوران سنڌ بينڪ مان 70 ڪروڙ روپيا ڪڍيا ويا، ڪرپشن جي ميگا اسڪينڊل ۾ اين ايڇ اي ۽ سنڌ بينڪ جا آفيسر به ملوث آهن
ذريعن موجب رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اين ايڇ اي جي عملدارن جو لينڊ اڪيوزيشن واري معاملي سان تعلق نه رهيو
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته زمينن جي خريداري جي مَد ۾ 7 جعلي کاتيدارن کي سوا 2 ارب رپيا جاري ڪيا ويا
ھڪ کاتيدار جي نالي تي ڪيترائي چيڪ جاري ٿيا، رپورٽ موجب ٺيڪيدار رحمت الله سولنگي، اصغر جتوئي ۽ زمان شاھه جو اسڪينڊل ۾ ايجنٽ طور اھم ڪردار رھيو