28 سال کانپوءِ رليز ٿيندڙ پهرين سنڌي ٻوليءَ جي فلم – “سنڌوءَ جي گونج” – سڄي پاڪستان ۾ مرحليوار رليز جو اعلان، 12 سيپٽمبر 2025 کان شروعات
ڪراچي: پاڪستان جي پهرين سنڌي ٻوليءَ جي فلم "سِندھو جي گونج” (انڊس ايڪوز ) 12 سيپٽمبر 2025 کان پاڪستان ڀر ۾ مرحليوار رليز لاءِ تيار آهي، جنهن جو اعلان فلم جي تقسيمڪار ڪمپني اينٿم فلمز (Anthem Films) ڪيو آهي۔
فلم جا هدايتڪار راهول اعجاز آهن، جيڪي فلمي تنقيد مان فلم سازي ڏانهن آيا، جڏهنتہ فلم ۾ وجدان شاهه، انصار مَهر ۽ ثمينه سحر مرڪزي ڪردار ادا ڪيا آهن۔
فلم جا ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر ۽ تقسيمڪار محمد ڪامران جاويد ٻڌايو ته فلم جي رليز سڀ کان پهرين لاڙڪاڻو ۽ حيدرآباد ۾ ‘مون پليڪس’ ۽ ‘سيني پيڪس’ سنيما گهرن ۾ ڪئي ويندي، جنهن کان پوءِ 19 سيپٽمبر تي ڪراچي ۾ رليز ٿيندي۔
ڪامران جاويد، جيڪي 23 ورهين کان انگريزي ٻوليءَ جي هڪ مشهور اخبار ۾ فلمي نقاد جي ذميواري نڀائي رهيا آهن، چيو: “جيئن فلم منفرد آهي، تيئن ان جو تقسيمڪار منصوبو به انوکو آهي۔” هن وڌيڪ چيو: “ننڍيون، خود ٺاهيل ۽ مضبوط پيغام ۽ ڪهاڻي رکندڙ فلمون جيئنته ‘سندهو جي گونج’ اڪثر رڳو هڪ وِيڪ اينڊ تائين سنيما گهرن ۾ رهنديون آهن، پر اسان هي روايت ٽوڙي ڇڏي آهي۔ لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد ۾ رليز جو مقصد زباني اشتهار کي هٿي ڏيڻ آهي، جيڪو ايندڙ هفتي ڪراچي جي رليز ۾ مدد ڏيندو۔”
هن ٻڌايو ته فلم اسلام آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ آڪٽوبر جي شروعات ۾ رليز ٿيندي ۽ بعد ۾ پنجاب ۾، جنهن سان ناظرين جي آواز ۽ وسيع تر رليز ونڊو ‘سندهو جي گونج’ لاءِ ڀرپور فائدو ڏيندي۔
ڪامران جاويد وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته فلم بابت شعور اجاگر ڪجي ۽ ماڻهن کي هي موقعو ڏجي ته هو سنيما ۾ اچي فلم ڏسي سگهن۔ اڪثر ائين ٿيندو آهي ته فلم صرف هڪ وِيڪ اينڊ لاءِ رليز ٿيندي آهي ۽ ماڻهن کي خبر ئي نه پوندي آهي ته اها ڪڏهن سنيما ۾ لڳي هئي۔ مون پاڻ هڪ فلمي نقاد جي حيثيت سان هي مسئلو بارها محسوس ڪيو آهي۔
"سندهو جي گونج” جو پريميئر ڪراچي ۾ 16 جنوري 2025 تي سيني پيڪس سنيما ۾ منعقد ڪيو ويو هو۔
هي فلم جئپور انٽرنيشنل فلم فئسٽيول ۾ منتخب ٿي آهي ۽ لنڊن-پاڪستاني فلم فئسٽيول ۾ آڪٽوبر ۾ سرڪاري طور پيش ڪئي ويندي۔ ٻين بين الاقوامي فلمي ميلن جا اعلان ايندڙ هفتن ۾ ڪيا ويندا۔
فلم کي تنوير حسين ۽ راهول اعجاز پروڊيوس ڪيو آهي، تنوير حسين "دي ريسلر” لاءِ بوسان فلم فئسٽيول 2023 ۾ "نيو ڪرنٽس ايوارڊ” کٽي چڪا آهن۔
پاڪستاني اداڪار شمعون عباسي، اختيار علي ڪلھوڙ، وجدان شاهه ۽ زيد عزيز سان گڏ ڪامران جاويد به ايگزيڪيوٽو پروڊيوسرن ۾ شامل آهن۔
هي فلم پاڪستان، بنگلاديش ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ هڪ بين الاقوامي سهڪار آهي۔
پال بِيٽل (جنوب ڪوريا ۾ رهندڙ ڪينيڊين فلمساز) فلم جا پوسٽ پروڊڪشن پروڊيوسر، شريڪ ايڊيٽر (راهول اعجاز سان گڏ) ۽ ساونڊ ڊزائينر آهن، جڏهن تہ سائولو آروڪا روزاس (ايڪواڊور سان تعلق رکندڙ فلمساز) فلم جا ڪلرسٽ آهن۔
"سندهو جي گونج” کي ڪيترن ئي پروڊڪشن هائوسز گڏجي تيار ڪيو آهي، جن ۾ فلم اين چپس ميڊيا پروڊڪشنز (پاڪستان)، شام فلمز انٽرٽينمينٽ (پاڪستان)، گرين اسڪرين (بنگلاديش)، بگ ميٽا فلمز (ڏکڻ ڪوريا)، وڪس ويزن (پاڪستان) ۽ اينٿم فلمز (پاڪستان) شامل آهن۔
ڪليميٽ ايڪشن سينٽر (CAC)، ڪراچي فلم جو باقاعده "آؤٽ ريچ پارٽنر” آهي۔