وفاق جو قرض ۽ رهتون نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويون

ڪراچي : ملڪ جو قرض ۽ رهتون ملڪي تاريخ ۾ هڪ نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويا آهن.اسٽيٽ بينڪ جون 2025 تائين ملڪ جي قرض ۽ رهتن بابت ڊيٽا جاري ڪيو آهي.انگن اکرن موجب، مالي سال 2025 ۾ وفاقي حڪومت جو قرض 13 سيڪڙو وڌيو.جون 2025 تائين وفاقي حڪومت جو قرض 77,888 ارب رپيا رهيو، جڏهن ته جون 2024 ۾ اهو 68,914 ارب رپيا هو.اسٽيٽ بينڪ پاران جاري ڪيل ڊيٽا ظاهر ڪري ٿو ته وفاقي حڪومت جو ملڪي قرض 15.5 سيڪڙو وڌي 54,471 ارب رپيا ۽ حڪومت جو ٻاهرين قرض 7.6 سيڪڙو وڌي 23,417 ارب رپيا ٿي ويو آهي.