ڪوئيٽا ۾ پوليس جي گاڏيءَ تي خودڪش حملو، پوليس اھلڪار ۽ ٻارڙو مارجي ويا، 20 کان وڌيڪ اهلڪار ۽ شهري زخمي

ڪوئيٽا : ڪوئيٽا ۾ پوليس جي گاڏيءَ تي خودڪش حملو، هڪ اهلڪار سميت 2 ڄڻا مارجي ويا، 20 کان وڌيڪ اهلڪار ۽ شهري زخمي ٿي پيا آھن

بلوچستان جي علائقي بُليلي ۾ دهشتگردن پوليس جي گاڏيءَ تي خودڪش حملو ڪيو، پوليس اھلڪار ۽ ٻارڙو مارجي ويا آھن، ڪيترائي زخمي ٿي پيا

ڊي آءِ جي ڪوئيٽا اظفر مهيسر  ٻڌايو ته ڌماڪي سبب 20 کان وڌيڪ اهلڪار ۽ 4 شهري زخمي ٿي پيا آهن، ڌماڪو خودڪش هو

ڊي آءِ جي موجب  ڌماڪي ۾ 25 ڪلو بارودي مواد استعمال ڪيو ويو، جڏھن تھ پوليس واقعي بعد علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آھي، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي